اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصيت سادگي ??و عملي نمونو هئي، رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي ??ٿا?? گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا م??ن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا م??مبر به پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن مان پنهنجو حصو ??جهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرا??ي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا م??ن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگي ??و عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.