اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف حڪومت ۾ شامل پارٽين جي قائدين کي جدا جدا ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيد جي مبارڪباد ڏني. پي ايم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڳوڻي صدر آصف علي، بختار ?? آصفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل، (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، جمعيت الحديث جي سربراهه پروفيسر ??اجد مير ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه شاهه اويس نورا??ي کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز ش??يف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز ش??يف چئين گورنرز کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز ش??يف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني.