رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ آزاداڻي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، ايران جي صدر سان واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، شمسي توانائي ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، بارڊر مارڪيٽ جي قيام ۽ نئين ٽرانسميشن لائين سان پاڪ ايران دوستي مضبوط ٿيندي، گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهي منصوبا ٻنهي ??لڪ?? جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? سنگ ميل ثابت ٿيندا. هن اهڙن خيالن ??و اظهار پاڪ ايران سرحد تي معزز اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي لاڀائتن ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٻنهي ط??فن کان سنجيدگي ۽ خلوص سان ان ڳالهه جو کليل اظهار ڪيو ويو آهي ته ٻئي ڀائر ۽ اسلامي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جو تعاون ڪندا. آزاداڻي واپار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، اهو طئي ٿيو ته ايران کان بجلي جي پهچ ۾ وڏي گنجائش آهي، ان ۾ به گڏيل تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جي تجويز تي ايراني صدر خاطري ڪرائي آهي ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ ٻئي ملڪ تعاون کي تيزي سان فروغ ڏنو ويندو ڇو ته ان ۾ وڏي گنجائش آهي. وزيراعظم چيو ته هن ملاقات ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مثبت تجويزون پيش ڪيون آهن. اسان جي وچ ۾ فائديمند ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان تي عملدرآمد جي ??اء?? تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اڄ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ??و افتتاح ڪيو ويو آهي، اهو منصوبو ٻنهي ??لڪ?? ۾ واپار وڌائيندو، ڀرپاسي جي علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، هتي واپاري مرڪز ٺهندا جنهن جي ذريعي واپار ٿيندو، هي اهو هدف آهي جنهن جي ??اء?? ايران ۽ پاڪستان گڏجي پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي ??اء?? هڪ ٻئي جي ??لڪ?? جا دورا ڪنداسين. اڄ پاڪستان ۽ ايران جي ??اء?? وڏو ڏينهن آهي، گوادر جي ??اء?? 100 ميگاواٽ بجلي جي پهچ ??اء?? ٽرانسميشن لائين جو منصوبو دير جو شڪار هو، موجوده حڪومت ان کي تيزي سان مڪمل ڪيو آهي ۽ ايران جي صدر ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي آهي. بجلي جي ٽيرف کي به گڏيل رضامندي سان طئي ڪيو ويو آهي. پاڪ ايران دوستي جي حوالي سان هي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان ٻنهي ??لڪ?? جي دوستي مضبوط ٿيندي ۽ اهو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? سنگ ميل ثابت ٿيندو.