اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري ??فاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سياست بدران رياست کي ترجيح ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي ۽ زراعت تي خاص توجهه ڏني ويندي، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو ا??ان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن جي نَون ذريعن ۽ وسيلن کي تلاش ڪيو ويندو. حڪومتي قدمن ??ان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. حڪومت 5 ايز (ايڪسپورٽ، ايڪوئ??ي، انرجي، امپاورمنٽ ۽ انوائرمينٽ) کي ترجيح ڏئي رهي آهي، حڪومت جي ترجيح آهي ته معيشت مستحڪم ٿئي ۽ اؤسر جي بنياد پائيدار هجي، ٿري ايز کان پوءِ هاڻ 5 ايز پاليسيءَ تي آئينده جو روڊ ميپ بڻايو آهي. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا ??ان پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري ??زير چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن وقت ملڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. گذڙيل ساڍن چئن سالن ۾ ملڪ جي 24هين وڏي معيشت کي 47هين معيشت بڻايو ويو. 18-2017ع ۾ پاڪستان جي گروپ 20 ۾ شموليت جون ڳالهيون جاري ??يون، ا??ان جي بدقسمتي آهي جو ا??ان جي معيشت هيٺ هلي وئي، ملڪ کي ٻيهر دنيا جي وڏين معيشتن ۾ آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، ان ??ان گڏوگڏ نه صرف پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻي آهي بلڪ بيروني ادائگين کي به يقيني بڻائڻو آهي. انهن مشڪلن جو سمورن شراڪتدارن جي تعاون ??ان حل ڪڍنداسين. ناڻي واري ??زير چيو ته ا??ان جي ٽيم مسلسل محنت ڪئي ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو نه صرف گهٽ ٿيو بلڪ هي فاضل ٿي ويو. ناڻي واري ??زير چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رهندو، ا??ان جي معيشت ۾ گنجائش ۽ جان آهي، ا??ان کي اميد آهي ته ا??ان 99ع ۽ 13ع وانگر ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪنداسين. ناڻي واري ??زير چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ ??ان سمورا فني معاملا مڪمل آهن، پاڪستان نائين جائزي تحت سمورا اڳواٽ قدم ڪري ??رتا آهن، ا??ان ان پوزيشن ۾ آهيون جو ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي، ا??ان جي اها به ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف ??ان پروگرام کي مڪمل ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف ??ان گذريل حڪومت جي واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ا??ان مشڪل فيصلا ڪيا جنهن جي ا??ان سياسي قيمت به ادا ڪئي آهي پر ا??ان جي لاءِ سياست کان رياست اهم آهي، ا??ان بجلي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارن جا دليراڻه فيصلا ڪيا پر ان ??ان گڏوگڏ جامع ۽ پائيدار معيشت طرف ا??ان کي وڃڻو آهي، ان ??ان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو. هن چيو ته 13ع ۾ ا??ان اسٽاڪ مارڪيٽن جو انضمام ڪيو جنهن ??ان 13ع کان 18ع دوران انڊيڪس 19 هزارن پوائنٽس کان وڌي 50 هزار پوائنٽس کان مٿي ويو، ا??ان جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 100 ارب ڊالرن تائين وڌي وئي جيڪا ڊي ويلو ايشن ۽ گذريل حڪومت جي خراب ڪارڪردگي ??ان 25 ارب ڊالر تائين ڪِري ??ئي. هن چيو ته جن مشڪل حالتن ۾ ا??ان حڪومت سنڀالي ته معيشت جا سمورا اهڃاڻ زوال طرف وڃي رهيا هئا، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جا کاتا ۽ واپاري خساري ۾ نمايان اضافو ٿيو، ا??ان جيڪڏهن حڪومت نه سنڀاليون ها ته خدانخواسته پاڪستان ڏيوالو ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت جي آخري ??ه ماهيءَ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 6.4 ارب ڊالرن جي گهٽتائي اچي وئي هئي. ناڻي واري ??زير چيو ته پروپيگنڊا تي توجهه ڏيڻ بدران ا??ان کي پنهنجي معيشت تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، موجوده حڪومت معيشت ۾ زوال جي عمل کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ا??ان کي ان معيشت کي مٿي کڻي وڃڻو آهي. گذريل حڪومت جي ڊي پي جي اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو ٻُڌائي رهي هئي پر حقيقت اها آهي ته پهرين سال ڪاٽو اؤسر بعد بيس کي تبديل ڪيو ويو جنهن ??ان اهڃاڻن تي فرق پيو. 18ع ۾ مالي خسارو 5.7 سيڪڙو هو جيڪو گذريل حڪومت جي دؤر ۾ 7.9 سيڪڙو تي پهتو، حالانڪ ا??ان جي اڳوڻي حڪومت ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشنز لاءِ مالي وسيلا به فراهم ڪيا هئا. گذريل حڪومت واپاري خسارو وڌائي ڇڏيو، پاليسي ريٽ کي 6.1 مان وڌائي 14 سيڪڙو تائين پهچايو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ سراسري ??اهوار گردشي قرض 330 ارب رپيا هئا، ا??ان جي اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ اهي 129 ارب رپيا ماهوار هئا، اڳوڻي حڪومت 2467 ارب رپين جو گردشي قرض ڇڏيو، اهڙيءَ طرح 18ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب ??ان قرضن جو ڳاڻيٽو 18ع ۾ 3.7 سيڪڙو هو جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت 13.9 سيڪڙو جي سطح تي پهچايو. مجموعي طور تي ان قرض کي 25 هزار ارب رپين مان وڌائي 49 هزار ارب رپيا ڪيو ويو. اڳوڻي حڪومت جي دؤر ۾ قرضن ۾ مجموعي طور 97 سيڪڙو اضافو ٿيو. پاليسي ريٽ وڌائڻ ??ان به قرضن ۾ 7 هزار رپين جو اضافو ٿيو. ناڻي واري ??زير چيو ته اڳوڻي حڪومت معيشت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو آءِ ايم ايف ??ان ڪيل واعدن کي ٽوڙڻ جي صورت ۾ ٺوڪي ڇڏيو ۽ انهن قدمن ??ان بين الاقوامي ادارن ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿي. ناڻي واري ??زير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن پاڪستان کي به متاثر ڪيو، ان ??ان گڏ گذريل سال تاريخ جي بدترين ٻوڏ پاڪستان کي تقريبن 30 ارب ڊالرن جو نقصان ڏنو. حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. شروعاتي طور چئن سالن ۾ 15 ارب ڊالرن جو ڪاٿو آهي، جنهن ۾ اڌ حصو پاڪستان جي حڪومت ۽ باقي فنڊز دوست ملڪن ۽ ٻه طرفي گهڻ رُخي شراڪتدار فراهم ڪيا. ناڻي واري ??زير چيو ته حڪومت جاري ??الي سال ۾ ڪفايت شعاري جا قدم کنيا، غير هدفي زرتلافين کي ختم ڪيو ويو، سمورن پرڏيهي بقايائن ۽ ذميدارين جي وقت تي ادائگيءَ کي يقيني بڻايو ويو. امپورٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن کي ترجيح ڏني وئي، ان ??ان گڏوگڏ روانگي واپار تي به ڀرپور توجهه ڏنو ويو، الحمدلله ليٽر آف ڪريڊٽ جا 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي چڪا آهن. مانيٽرنگ پاليسيءَ کي سخت ڪيو ويو آهي، پر ناڻي اؤسر جي تناظر ۾ اهو ڪرڻ ضروري ??و. مان هميشه کان ڊي ويلو ايشن خلاف آهيان ڇاڪاڻ ته رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ ??ان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي. ناڻي واري ??زير چيو ته ميڊيا کي عوام ۾ آگاهي ڏيارڻ جي ضرورت آهي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي غير ضروري طور تي ڊالر ۽ سون خريدڻ گهرجي، بلوم برگ جي رپورٽ مطابق پاڪستان جو رپيو انڊر ويليو آهي ۽ـ ان وقت به ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي حقيقي قدر 244 رپين جي لڳ ڀڳ آهي. 40 کان 45 رپين تائين جو خلا مصنوعي آهي، ا??ان کي پنهنجي ملڪ جي مفاد کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مشڪل حالتن باوجود ا??ان ڪمرشل بئنڪن کي 5.5 ارب ڊالر ۽ بانڊز جي ميچيورٽي جي صورت ۾ هڪ ارب ڊالرن جي ادائگي ڪئي آهي. ڊسمبر جي ٽه ماهي ۾ پاڪستان جي قرضن ۾ 4 ملين ڊالرن جي ويجهو گهٽتائي ٿي هئي، ا??ان سمورن پرڏيهي ادائگين کي يقيني بنايو آهي ۽ ملڪ ڊيفالٽ نه ٿيندو. ناڻي واري ??زير چيو ته سماجي تحفظ ۽ معاشري جي معاشي طور ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪرڻ ا??ان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 400 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ان ??ان گڏوگڏ فائدو حاصل ڪندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان پيڪيج تحت 75 ارب رپين جو رليف فراهم ڪيو ويو، ڪ??ان پيڪيج تحت 2 هزار ارب رپين جو اعلان ڪيو ويو جنهن مان 1750 ارب رپيا جاري ??ي چڪا آهن. ان ??ان ملڪ جي زرعي پيداوار تي مثبت اثر پيا آهن. حڪومت اسلامي فنانسنگ ۽ بئنڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ به سنجيده آهي. اسلامي فنانسنگ جي تحت هڪ ۽ ٽن سالن جي مُدي جي اجاره جاري ڪئي وئي آهي. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جون اپيلون واپس ورتيون ويون. هن وقت ملڪ ۾ اسلامي بئنڪاري جو ڳاڻيٽو 21 سيڪڙو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ايران، افغانستان ۽ روس ??ان بارٽر واپار جي شروعات ڪئي وئي آهي، ا??ان واپار ۾ اضافو ٿيندو. وڌيڪ ملڪن ??ان به اهڙيءَ طرح جا معاهدا ٿيندا. ناڻي واري ??زير چيو ته سمورن مشڪلاتن ۽ چئلينجن باوجود معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي. جاري ??الي سال ۾ جي ڊي پي جي شرح اؤسر 0.29 سيڪڙو آهي، جڏهن ته مالي سال لاءِ هي هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ??الي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ بهتري آئي آهي. جولاءِ کان مئي تائين صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 29.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪور انفليشن جي شرح شهري علائقن ۾ 16 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 20 سيڪڙو آهي جنهن جي سراسر 18 سيڪڙو بڻجي ٿي. ناڻي واري ??زير چيو ته ايف بي آر جاري ??الي سال دوران سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، امپورٽ ۾ گهٽتائيءَ باوجود جاري ??الي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ايف بي آر 6210 ارب رپيا محصول گڏ ڪيا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهن. نئين مالي سال ۾ ايف بي آر ۾ سڌارا ۽ بهتريءَ جو عمل جاري رهندو، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ ڪئي ويندي. 31 مارچ تائين ايف بي آر 7 لک نوان ٽيڪس ڏيندڙن جو هدف مقرر ڪيو هو جيڪو 9 لک 12392 تائين پهچي ويو آهي. پرائمري بيلنس ۾ بهتري آئي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خساري ۾ 76 سيڪڙو تائين بهتري آئي آهي. گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 13.7 ارب ڊالر هو جيڪو جاري ??الي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ 3.2 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي ويو. مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ امپورٽ 51.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال جي ان مُدي دوران 72.3 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽ آهي. روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ناڻي واري ??زير چيو ته هن حڪومت اهي سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا جيڪي رياست لاءِ ضروري ??ئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو جنهن سياست بدران رياست کي ترجيحي ڏني ۽ ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. ناڻي واري ??زير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاريءَ کي هٿي ڏني ويندي، زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو ا??ان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ا??ان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين آندو وڃي، محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا، ان ??ان گڏوگڏ 1100 ارب رپين جي لڳ ڀڳ ترقياتي بجيٽ به ڏنو پيو وڃي، ماحول دوست توانائي به ا??ان جي ترجيح آهي. 2030ع تائين مجموعي توانائيءَ ۾ گرين انرجي جو حصو 30 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي، ان ??ان توانائيءَ جي بل ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين بچت ٿيندي. انهن قدمن ??ان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي جي اؤسر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ا??ان جي پوري ڪوشش هوندي ته سرڪاري ??لازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ گنجائش مطابق اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ميثاقِ معيشت تي ڳالهيون چونڊن کان پوءِ ٿينديون.