مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (اي?? سي او) ق??ئم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل ق??ئم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ ق??ئم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ڪنهن به امڪاني مسئلن جي ڪڙي نگراني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل ق??ئم ڪيو ويو آهي. مختلف ٻيا خاص يونٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ ق??ئم ڪيا ويا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامد?? ۽ ??ريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.