اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل ??حا??ين ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جو بل آهي، ان جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين سان مشاورت ٿي، جنهن قانون ۾ ملازمن جي حقن جو تحفظ نه هجي، اهو قانون نامڪمل هوندو آهي، بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن ان کي ڪا??و قانون چيو، ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جو اهي پنهنجي حق جي لاءِ اٿي بيٺا. پارليامينٽ هائوس ۾ ??حا??ين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي ۽ ايمنڊ سميت سموريون لاڳاپيل ڌريون مشاورت ۾ شامل رهيون، ان بل ۾ وڏي تبديلي اظهار راءِ بابت آرٽيڪل 19 ۽ مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي تعريف جي شموليت هئي، ترميمي بل ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا. هن چيو ته مون ميڊيا ورڪرز سان گڏ مشڪلاتن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز مشڪل حالتن ۾ پنهنجي ادارن جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته بدقسمتي سان پيمرا ترميمي بل کي ڪا??و قانون چيو ويو جڏهن ته ان بل ?? ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي لاءِ تاريخي ترميمون شامل ڪيون ويون، ميڊيا ورڪرز ۽ ??حا??ين جي پگهارن کي ان بل ۾ تحفظ فراهم ڪيو ويو، جيڪو ادارو ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جون رهتون ٻن مهينن ۾ ادا نه ڪندو، ان کي پاڪستان حڪومت بزنس نه ڏيندي جڏهن ته ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد ان بل ۾ يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته نيوز پيپر ايمپلائيز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود هو پر ميڊيا ورڪرز جي لاءِ اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي انهن جي اپيل ٻڌي سگهجي. ان مقصد جي لاءِ پيمرا اٿارٽي ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جو قيام شامل ڪيو ويو ۽ ان ۾ ميڊيا ورڪرز، ??حا??ين ۽ مالڪن کي نمائندگي ڏني وئي ۽ ان جي فيصلي جي خلاف اپيل جو حق به ڏنو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيوز پيپر ايمپلائيز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي ۾ هڪ قابل چيئرمين کي لڳايو ويو، آءِ ٽي اين اي گذريل 9 مهينن ۾ 14 ڪروڙ رپين جون سڌوسنئون ريڪوريون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??حا??ين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو، ان ک??نس??اءِ جيڪي ??حا??ي ۽ ورڪنگ جرنلسٽس فرضن جي ادائيگي دوران فوت ٿي وڃن ٿا انهن جي لاءِ وزيراعظم خصوصي فنڊز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان فنڊ سان پونئيرن کي 40 لک رپيا ادا ڪري سگهبا. هن چيو ته اسان ورڪنگ جرنلسٽس جي تڪليفن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، جنهن قانون ۾ ملازمن جي حقن جو تحفظ نه هجي اهو قانون نامڪمل هوندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پيمرا چيئرمين جي مقرري جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل ٻئي ترميمون بل جو حصو آهن. وفاقي وزير چيو ته قانون ۾ بهتري جي لاءِ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون، 2002ع ۽ 2023ع ۾ فرق آهي، گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ بل کي بنا پڙهڻ جي اعتراض اٿاريو ويو، بل جي خلاف ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي وئي، ڇا پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺڻ ڪا??و قانون آهي؟ هن چيو ته ميڊيا ۽ ??حا??ين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهڻ ڄاڻين ٿا، مون بل واپس وٺي ڇڏيو هو، ??حا??ي ۽ ميڊيا ورڪرز بل جي افاديت کي سمجهندي ان جي حق ۾ اٿي بيٺا. هن چيو ته سدائين تنقيد کي برداشت ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته قانونسازي جو عمل جاري رهڻ گهرجي، هن بل ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش هوندي ته ڪنداسين، هر سال پيمرا جي قانون ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي دور ۾ پارليامينٽ جو ميڊيا ڪارنر فاشسٽ ماڻهن بند ڪري رکيو هو، اسان پارليامينٽ جي ٻاهر پريس ڪانفرنسون ڪندا هئاسين. هن چيو ته ??حا??ين کي اهو ئي چونديس ته اهي اهڙي طرح پنهنجي حقن جي لاءِ متحد رهن.