راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره ا??رن??زيب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مر??م ا??رن??زيب سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري اڳوڻي وزير مر??م ا??رن??زيب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي مرتضيٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته توهان ان قومي ذميواري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مر??م ا??رن??زيب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير مر??م ا??رن??زيب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات واري وزارت کي بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي توهان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مر??م ا??رن??زيب ڪارڪردگي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل جاري رکي سگهان. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مر??م ا??رن??زيب سان ملڪ جي مجم??عي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچ?? تي مر??م ا??رن??زيب پنهنجي والده طاهره ا??رن??زيب ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ مرتضيٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کي?? گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره ا??رن??زيب، مر??م ا??رن??زيب، حسن ا??رن??زيب ۽ ٻين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.