اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي، ڪو توقع نه ڪري ته اسان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي، ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن قانون واري نگران وفا??ي وزير احمد عرفان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??ن موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به موجود هو. سڌ سماءَ واري نگران وفا??ي وزير چي?? ته صدر مملڪت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام واري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چي?? ته اهو ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، قانون واري وزارت صدر جي ٽوئيٽ جي حو??لي سان وضاحت جاري ڪئي جنهن کانپوءِ ابهام ختم ٿي چڪو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سڌ سماءَ واري نگران وفا??ي وزير چي?? ته صدر مملڪت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي ان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي ڪو به توقع نه ڪري ته اسان صدر جي تعظيم خلاف ڳالهائينداسين، مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوششن کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي، هن چي?? ته ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي، هڪ سوال تي هن چي?? ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. صدر جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وضاحت ٿي چڪي آهي، قانون واري وزارت ان حو??لي سان بيان پڻ جاري ڪيو آهي، جڏهن ته قانون واري وزير به تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته اسان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون خلاف هجي. هن چي?? ته اسان جي حڪومتي نظام ۾ ڪو به خال نه آهي، موجوده نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو جواب آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ سوال تي سڌ سماءَ واري نگران وفا??ي وزير چي?? ته اسان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.اسان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صدر مملڪت جي عملي جي حو??لي سان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي اسان جو اختيار نه آهي.