راولپنڊي -16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊر ميجر جنرل مطر بن سالم بن راشد البلوشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي ??ر مطابق ملاقات ۾ عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊ?? دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪ??ميابين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. جي ايڇ ڪيو آمد تي عمان جي رائل آرمي جي ڪمانڊر شهيدن جي يادگارن تي گلن جي چادر چاڙهي، پاڪ فوج جي چست جٿي عمان جي رائل آرمي جي چيف جي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.