اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي معاهدي جي حوالي سان مع??مل?? ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته انتظامي طور تي رياست پنهنجي صلاحيت موجب ڪم ڪري رهي آهي هاڻي جڏهن ته اسان چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون ته بنيادي مع??مل?? تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ٻارن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ صحرائن ۾ پنهنجون جانيون نه ڏين. هن چيو ته ڪرپشن جو مسئلو اڄ جو نه آهي، قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خط??ب ۾ جن مسلئن طرف ڌيان ڇڪايو ا??هن ۾ ڪرپشن به شامل آهي هاڻي جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هن چيو ته عوام ۾ شعور پيدا ڪريون ته انهن پارٽين کي ووٽ ڏيو جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسلام آباد ڪلب وٽ قبضي واري ڪا جڳهه آهي ته اهو مع??مل?? نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويندو. بعد ۾ چيئرمين مع??مل?? لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته افغان پناهگيرن جي اسڪولن ۾ مقرر استاد يو ا??پ سي آر جا ملازم هئا، پاڪستان حڪومت جا ملازم نه هئا، انهن جو ا??گ 600 کان وڌيڪ آهي، انهن کي مستقل ڪرڻ جو ڪو پروگرام نه آهي. سينيٽر دنيش ڪمار، سينيٽر مشتاق احمد ۽ بهره مند تنگي جي سوالن جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته 21 ملڪن سان پاڪستان جي ٻٽي شهريت جا معاهدا آهن، ڏکڻ آفريقا سان ٻٽي شهريت جي معاهدي جي حوالي سان مع??مل?? ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.