اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ??ه ڪي ا??يڪ??رڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي ا??يڪ??رڪ (ڪي ا??يڪ??رڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي ا??يڪ??رڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي ا??يڪ??رڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي ا??يڪ??رڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي ا??يڪ??رڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، ني??را چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي ا??يڪ??رڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي ا??يڪ??رڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي ا??يڪ??رڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ??ه حڪومت ۽ ڪي ا??يڪ??رڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو ??هي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ??ه ڪي ا??يڪ??رڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.