ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي ??ي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحست نسيم احمد خان خميس ڏينهن سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هنن قلعه سيف الله ۽ پشين بم ڌماڪن ۾ زخمي ماڻهن جي عيادت ڪئي، نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر علاج هيٺ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو ا??ها?? ڪيو، بعد ۾ نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۾ قائم هڪ پولنگ اس??يش?? جو دورو ڪيو ۽ پولنگ اسٽاف ۽ وو??رن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ٻنهي عهديدارن پاران چونڊن لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي ا??مينان جو ا??ها?? ڪيو.