اسلام آباد – 26 – ??يبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ??تا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ موجب صدر چيو ته قومي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي سطح تي پاڪ??تا?? جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن سالن ۾ پاڪ??تا?? ۾ بلائنڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آهي، بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪ??تا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.