اسلام ??باد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام ??ي لاء?? سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ??وبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پي??ي جي شين جي سرڪا??ي اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام ??ي لاء?? سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??وبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پي??ي جي شين جي سرڪا??ي اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته ??لله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان عوام ??ي زندگين ۾ وڌيڪ بهت??ي ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ??وام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي.