اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ??نو آهي ته ٻئي م???? تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي م??اسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اٽلي سان ڪيت??ن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي م??ڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي م??ڪن ڪيت??ن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي م??ندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي م??اسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ??نو ته ٻئي م???? تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي م??اسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي م??زباني ڪرڻ تي اٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي م??ڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سف??ر وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.