اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي تڪبير ڏهاڙي کي ??رڪاري موڪل قرار ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هل??لي جهندي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته تڪبير ڏهاڙو ??اڪ??تاني قوم جي ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن پوري قوم هن ملڪ جي سالميت جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول ڪري ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو سياسي ۽ دفاعي قوتن جي هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط تر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جهنڊي، سبز هل??لي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو، تڪبير ڏهاڙو ٻاهرئين دشمنن سان گڏوگڏ اهڙن اندروني دشمنن، جيڪي ملڪ ۾ انتشار جي سياست سان هن ملڪ کي ??طري ۾ وجهڻ چاهين ٿا، انهن جي ناپاڪ ارادن کي ??دائين ناڪام بڻائڻ جي وچن جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 28 مئي تڪبير ڏهاڙو ان وقت جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي ??اڪ??تان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بنائڻ جي قدم کي ??راج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن اسان ذوالفقار علي ڀٽو کي ??اڪ??تان جو ائٽمي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ان کي ??اري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سائنسدانن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مون سميت پوري ??اڪ??تاني قوم ان ڏينهن اهو وچن ڪري ٿي ته 28 مئي تي جهڙي طرح هن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ، ائين ئي اسان ڏينهن رات محنت سان هن ملڪ جي اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان اهو وچن ڪريون ته نه رڳو ٻاهرئين دشمنن پر ??اڪ??تان ۾ موجود 9 مئي جهڙن واقعن سان انتشار جي خواهشمند عنصرن جي شرپسندي کي ??تحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سان گڏوگڏ ڏينهن رات محنت سان ناڪام بڻائينداسين.