لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي عمده ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ٽورنامينٽ دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظ?? چيو ته ??ٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، قومي هاڪي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ??گهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪري هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.