اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) علي پرويز ملڪ مملڪتي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ور??و، حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر آصف علي زرداري هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ کانئ?? حلف ور??و. حلف برداري جي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پارليامينٽ ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. علي پرويز ملڪ تازو ئي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ??اه??ر جي تڪ اين اي 119 تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چون??يو هو.