شينزن – 05 – جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪاروبا??ي معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين ک?? عملي طور تي فروغ ملندو جڏهن ته چين کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ??يڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم مهيا ٿيندو. چين جي دوري جي موقعي تي ??ينزن ۾ صحافين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪانفرنس ۾ چين جي 500 ۽ پاڪستان مان 100 ڪمپنين جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي، 32 ايم او يوز تي ??حيحن سان ٻنهي طرفن جي بزنس ڪميونٽي ڳنڍجي وئي، ڪاروبا??ي معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين ک?? عملي طور تي فروغ ملندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته انهن معاهدن سان چين کي به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ??يڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ منفرد پليٽ فارم ملندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان چين کي به ٻين ملڪن کي ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ جو موقعو ملندو، پاڪ چائنا بزنس جي فروغ سان پاڪستاني ڪمپنين جي ايڪسپورٽ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، بزنس ۾ رابطا هموار ٿيڻ سان لانگ ٽر?? حصيداري جا دروازا کلن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا بزنس فورم جو انعقاد ڪامياب ترين ۽ غيرمعمولي اهميت رکندڙ آهي، وزيراعظم جو چين سان حصيداري جو ويزن بهتر انداز ۾ پڄاڻي طرف گامزن آهي، ٻطرفي واپار سان پاڪ چين بزنس ڪميونٽي جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ ملندو، شينزن ۾ ان کان اڳ ڪا بزنس ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ناهي ٿي.