راولپنڊي -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي گهر پهچي شهيد ڪيپٽ?? جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ب??ان موجب صدر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. محمد اسامه بن ارشد گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد?? جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت شهيد جي بهادري، جذبي، ح?? الوطني ۽ وطن لاءِ خ??متن کي به ساراهيو. صدر مملڪت وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد جي بلند درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.