اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام جي گوادر ۾ آفيس ??ائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. صدر بئنڪن پاران ب??نظ??ر ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ??رتو ۽ چيو ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو وڃي. هن چيو ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چيو وڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچائ?? سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي ب??نظ??ر ڪفالت، تعليمي وظيفن، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳالهه کان آگ??هه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ب??نظ??ر ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي جڏهن ته ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ب??نظ??ر ڪفالت پروگرام جي لاءِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خاندانن جي لاءِ 461 ارب رپيا جڏهن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ب??نظ??ر تعليمي وظيفا پروگرام مان 97 لک ٻار فائدو کڻ?? سگهندا، ان سان گڏوگڏ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس پروگرام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳالهه کان پڻ آگ??هه ڪيو ويو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي کير پياڪ ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته 2022ع ۾ ٻوڏ دوران ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خاندانن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل طبقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي ب??نظ??ر انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو.