اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي پ??ور ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پ??ور سيڪٽر بابت اهم معاملا بحث هيٺ آيا، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته آءِ پي پيز ملڪ ۾ وڏو اشو بڻيل آهي ۽ ان تي مسلسل ڌرڻا لڳي رهيا آهن، پي پي آءِ بي، آءِ پي پيز جو معاملو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، اسان جي ڪا ذاتي ايجنڊا ناهي، اسان جي ايجنڊا پاڪستان آهي، اسان جي ڪنهن آءِ پي پيز سان ذاتي دشمني ناهي پر ماڻهن ۾ هاڻي بجلي جا بل ادا ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي، آءِ پي پيز جي پيداواري لاڳت خطي سان گڏ هيٽ ريٽ جا تفصيل گهريا آهن، اسان ان معاملي کي ??ڌيڪ ملتوي نه ڪنداسين، ڪيپسٽي چارجز جو ذميوار ڪير آهي. پ??ور ڊويزن واري وف??قي وزير اويس احمد خان لغاري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجاب جي 5 ڊسڪوز جي نجڪاري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ سال ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ ايڊوائيزرز جو اشتهار ايندو، هن بجلي جي مراعتن بابت اعتراف ڪندي چيو ته واپڊا ۽ ڊسڪوز جا ملازم ساليانو 15 ارب جي مفت بجلي استعمال ڪندا آهن، ماهوار هڪ ارب 30 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بجلي مفت وڃي رهي آهي، ڊسڪوز ۽ واپڊا جا هڪ لک 90 هزار ملازم ان سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن، ڊسڪوز کي ????ور ڊويزن واري وزارت جي اختيارن مان ڪڍي رهيا آهيون، بجلي ڪمپنين جي نجڪاري ئي ڪمپنين جي بچاءُ جو واحد حل آهي، اين ٽي ڊي سي جي اندر وڏا سڌارا ڪ??ي رهيا آهيون، ننديپور ۽ گڊو پ??ور کي ??ڪرو ڪ??ي رهيا آهيون جيڪي 2015ع کان 2018ع جي وچ ڌاري پرڏيهي سيڙپ سان لڳايا ويا هئا، ساهيوال پ??ور پلانٽ جو 2016ع ۾ ٽي روپيا يونٽ هو اڄ 285 روپيا في يونٽ آهي، پلانٽ کي 24 ڪلاڪ آن رکڻ جي قيمت ڪيپسٽي چارجز آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ 39666 ميگاواٽ انسٽالڊ ڪيپسٽي رهجي وئي آهي، اسان جي ڪمپنين وٽ ريئل ٽائيم ڊيٽا دستياب ناهي، ڪمپنين ۾ ايڊوانس ميٽرنگ سبب ريلائيبل ڊيٽا اچي سگهندو. وف??قي وزير ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مهانگي بجلي سبب ڪراچي جي صارفين کي 170 ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي مهانگي بجلي جو سبب مهانگي ذريعن مان بجلي جي پيداوار آهي. آئنده بجلي حڪومت نه پر صارفين سڌو سنئون بجلي خريد ڪري سگهندا. اويس لغاري چيو ته اسان 2015ع کان 2018ع دوران پ??ور پلانٽس لڳائڻ جو چيو پر ڪو به ملڪ سيڙپڪاري لاءِ نه آيو، ان وقت چين اسان جا پ??ور پلانٽس لڳايا، ان معاملي تي ۽ آءِ پي پيز کي جيڪو رليف ڏنو ويو ان تي ان ڪئميرا آگاهه ڪندس. اسان پ??ور ڊويزن ۾ ڪجهه شين جي نشاندهي ڪئي آهي، ان تي ڪميٽي کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو. وف??قي وزير چيو ته بجلي چوري جو خاتمو نجڪاري ۽ ڊجيٽلائيزيشن سان ٿيندو، پ??ور ڊويزن بجلي جي مراعتي پئڪيج تي ڪم ڪ??ي رهيو آهي، سردي جي موسم جي پيڪيج ۽ پوري سال جي مراعتي پيڪيج تي ڪم ڪ??ي رهيا آهيون، آءِ پي پيز کان جيڪڏهن 5 روپيا به نڪري سگهيا ته عوام کي رليف ڏينداسين. اويس لغاري چيو ته محمد علي جي هيٽ ريٽ آڊٽ رپورٽ کي ان وقت جي ڪابينا جي ٽياڪڙي نقصان پهچايو، ان ٽياڪڙي آءِ پي پيز کي ??ائدو پهچايو. هن اعتراف ڪندي چيو ته واپڊا ۽ ڊسڪوز جا ملازم ساليانو 15 ارب جي مفت بجلي استعمال ڪندا آهن، ماهوار هڪ ارب 30 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بجلي مفت وڃي رهي آهي، ڊسڪوز ۽ واپڊا جا هڪ لک 90 هزار ملازم ان سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته اسان وزيراعليٰ ڪي پي جي درخواست تي ڪجهه فيڊرز کي ??وڊشيڊنگ فري ڪيو، اسان کي چيو ويو ته رڪوري ۾ بهتري ايندي الٽو اسان کي ??قصان ٿي ويو، نتيجو اهو نڪتو به بجلي به ڏئي ڇڏي ۽ ريڪوري به نه ٿي. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پلانٽ جي هيٽ ايفيشنسي جو ڪڏهن ڪڏهن آڊٽ ٿيو جنهن تي توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ تفصيل ڪميٽي کي ??راهم ڪري ڇڏينداسين. اويس لغاري چيو ته اسان سڀ پنهنجي پنهنجي دورن ۾ حڪومت ۾ رهي چڪا آهيون، پنهنجي پنهنجي حڪومت ۾ سڀ معلومات وٺي چڪا آهيون، اسان کي ??علومات لڪائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، هن ڪميٽي جي چيئرمين کي چيو ته اجلاس جي آخر ۾ 10 کان 15 منٽن ان ڪئميرا بريفنگ لاءِ به ڏيو. توانائي واري وزير اويس لغاري سينيٽر شبلي فراز کي چيو ته بجلي چو??ي روڪڻ ۽ ريڪوري لاءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي چيو تعاون ڪري، پ??ور ڊويزن واري سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسان جي بجلي جي انسٽالڊ ڪيپسٽي 39 هزار ميگاواٽ رهجي وئي آهي، ڪجهه پ??ور پلانٽس بند ٿي چڪا آهن، ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ کان مهانگي بجلي پيدا ڪ??ي رهي آهي، هڪ لک 90 هزار سرڪاري ملازمن کي 15 ارب روپين جي سالياني بجلي مفت ملندي آهي جيڪو قومي خزاني تي بار آهي، هن چيو ته ڪيپٽو پ??ور پلانٽس کي 230 ايم ايم سي ڊي ايف گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، اها گئس ٽربائنز کي ڏيڻ سان بجلي جي پيداوار سستي ٿي سگهي ٿي، هاڻي اڍائي هزار ميگاواٽ جا پلانٽس رٽائرڊ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، گئس جيڪڏهن ڪيپٽو پ??ور پلانٽس بدران ڪي اليڪٽرڪ کي ڏيون ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي قيمت گهٽجي ويندي. هن چيو ته آءِ پي پيز کي ادائيگيون انسالڊ ڪيپسٽي تي ناهن ٿيون، ادائيگيون ان جي ڪنڊيشن تي ٿينديون آهن. پ??ور سيڪٽر جي سيڪريٽري چيو ته پنج پلانٽس بند ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ اهو تاثر غلط آهي ته اسان جي بجلي جي پيداواري صلاحيت 45 هزار ميگاواٽ آهي، گرمين ۾ ڊيمانڊ وڌيڪ هوندي آهي، هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته اسان اضافي پلانٽس لڳائي رهيا آهيون، هن چيو ته گريڊ 16 کان 21 تائين جي ملازمن جي مفت بجلي جو معائنو ڪابينا جي آڏو رکيو ويو هو، ملازم عدالت ۾ هليا ويا، عدالت اسان کي عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو. سيڪريٽري چيو ته اسان جي ملڪ ۾ خطي جي ڀيٽ ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان جي انڊسٽري جي بجلي جي طلب 25 سيڪڙو آهي، مئي ۽ جون ۾ لو?? گهٽ ڪرڻ جي هڪ تجويز آهي، هن چيو ته اسان جو 10 کان 11 هزار ميگاواٽ لو?? پکن جو آهي، سيءَ جي مند ۾ لو?? 11 هزار ميگاواٽ تائين هوندو آهي، هن چيو ته اسان جي صنعتن جي کپت وڌيڪ گهٽ ٿيندي پئي وڃي، گذريل سال صنعتن کان وڏي انگ ۾ يونٽس وٺي گهريلو صارفين کي ڏنا ويا، 400 يونٽس وارا اڍائي ڪروڙ صارفين کي 592 ارب سبسڊي ڏني ويندي هئي اها سبسڊي 692 ارب روپين تائين ٿي وئي آهي.