اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن س??وس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) جي تعاون س??ن انفارميشن س??وس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪوئيز شو منعقد ڪيو. اها تقريب انهن س??گرمين جي ش??وعات آهي جنهن جو منصوبو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هن س??ل آزادي جي ڏهاڙي کي ش??ندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيار ڪيو آهي. تقريب جو خاص مهمان انفارميشن س??وس اڪيڊمي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد منير هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر آفيسرن، انفارميشن س??وس اڪيڊمي فيڪلٽي، عملي، استادن، شاگردن ۽ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي ڪوئيز شو ۾ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسلام آباد ماڊل ڪاليجز جي انٽرميڊيئٽ سطح جا 12 شاگرد شامل هئا. ٽن ڇوڪرين ۽ ٽن ڇوڪرن جي ٽيم تي ٻڌل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي 6 ٽيمن ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪئي جن مان ٽن ٽيمن فائنل رائونڊ جي لاءِ ڪواليفائي ڪيو. دلچسپي مقابلي کانپوءِ عورت واري اسلام آباد ماڊل ڪاليج (پوسٽ گريجوئيٽ) ايف 10/2 پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي ٽرافيون، روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. خاص مهمان شاگردن ۾ ايوارڊز ورهايا. ان موقعي تي ڳالهئايندي انفارميشن س??وس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل محمد ارشد منير ان دلچسپ ۽ پرجوش ڪوئيز شو منعقد ڪرڻ تي انفارميشن س??وس اڪيڊمي جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني. هن خاص طور تي تحريڪ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان شاگردن جي بي پناهه معلومات کي ساراهيو. هن چيو ته مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان جو نئون نسل پاڪستان قائم ٿيڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن ۽ قائدين جي جدوجهد کي ياد رکيو آهي. هن چيو ته نئون نسل اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن جو علم، مهارت ۽ تجربو هن قوم جي تقدير سنواريندو. هن آزادي جي ڏهاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته هڪ زندهه قوم سدائين انهن اڳواڻن جي قربانين کي ياد رکندي آهي جن پنهنجي ملڪ جي جوڙجڪ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي خاص مهمان شاگردن س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب جي آخر ۾ خاص مهمان س??ن ڪوئيز شو ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين انفارميشن س??وس اڪيڊمي جي فيڪلٽي گروپ فوٽو ڪڍرايو. انفارميشن س??وس اڪيڊمي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ارشد منير ڪوئيز شو ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ش??ڪت ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي تعاون کي ساراهيو جنهن جي ذريعي ان پروگرام جو انعقاد ممڪن ٿيو. هن خاص طور تي انفارميشن س??وس اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا مڃيا جن مختصر وقت ۾ ان شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي.