اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ا?? پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جار?? پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آه??. و??يراعظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هد??يت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام ک?? پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هد??يت ڪئ??. و??يراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪئ??. و??يراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ا?? پروڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، ا?? پروڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ ا?? پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چ??و آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي ا?? پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو ا?? پروڪيورمينٽ جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، ا?? پروڪيورمينٽ جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چ??يون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.