راولپنڊي – 26 ?? آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪاجوا/117939.html">رروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هدايت تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاجوا/117939.html">ررواين جو مقصد بلوچستان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچست??ن م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪاجوا/117939.html">رروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪاجوا/117939.html">رروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن س??ن مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاجوا/117939.html">ررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاجوا/117939.html">ررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.