اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف بلوچستان جي بلديات واري وزير سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? چيو ته مرحوم سرفراز ڊومڪي جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، سردار سرفراز ڊومڪي جي لاڏاڻي سان بلوچستان جي سياست هڪ مدبر ۽ بهترين سياستدان کان محروم ٿي وئي. وزيراع??م محمد شهباز شريف مرحوم سرفراز ڊومڪي جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪئي.