اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي ج?? لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ هم??رديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اداڪار مظهر علي ج?? لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي و??ٺا آهيون. مظهر علي پنهنجي فني صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن چيو ته مظهر علي ج?? لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعات واري و??اقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.