اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ??ه اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي ??قن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ??ه اخبارن جي ??ريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي ??حترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ??ه اڄ جي ??يز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ??ه اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ??و استعمال ڪندي جعلي خبرن جي ??وصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ??ه اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس خبرن جي ??پورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي ??عليٰ ترين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌرين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻهن جي ??هنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ??ه ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي ??مايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي ??يڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عا??مي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.