نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پا??ستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئ??ڪ پاران پا??ستان حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت پا??ستان جي معاشي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاو?? کي ساراهيو. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پا??ستان حڪومت معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئ??ڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پا??ي نظام، توانائي ۽ انساني ترقي سميت پا??ستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پا??ستان جي ترقياتي هدف?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.