اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??يڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ??ه ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث فخر جو سبب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثقافتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي ??يڪريٽري آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي ورثي تي پنهنجي گهري فخر جو اظهار ڪ??و. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گنڌارا جي قديم تهذيب موجوده پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي ??يڪريٽري آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏ??ند?? چيو ته ان قديم ثقافتن ۾ جدت، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ متوازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪ??دي چيو ته پاڪستان جا ثقافتي اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي ??يڪريٽري يقين ڏياريو ته پرڏيهي ??فيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اسٽيڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪستان جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.