اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر آمد تي حڪومتي سربراهن ۽ نمائندن جو والهاڻو استقبال ??يو. ان موقعي تي ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ايران جي صنعت واري وزير سيد محمد اتابڪ سڀ کان پهرين جناح ڪنوينشن سينٽر پهتا جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندن آجيان ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، بيلاروس جي وزيراع??م رومن گولو وچينڪو، ڪرغزستان جي ڪ??بينا جي وزيرن جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراي، ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپوف، ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪ??بينا جي ن??ئب چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ۽ قازقستان جي وزيراعظم اولز هائوس بيڪو تينوو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر جي آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اجلاس ۾ شريڪ ايس سي او اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. استقبال ??انپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين حڪومتي سربراهن جو اجلاس باضابطه طور تي شروع ٿيو.