اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترق?? لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ??ه ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ??ه ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترق?? لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحال?? لاءِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ??ه اسان اسان کي يقين آهي ??ه اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خطي جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ??ه اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ??يڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترقي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضاف?? لاءِ ڪوششون به ضروري آهن.