واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ??هتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قد?? کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي ??والي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي وڌائڻ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي ??عبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي ??ڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪندي ناڻي واري ??زي?? چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي ??رح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي ??عبي ۾ به بهتري لاءِ قد?? کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي ??ڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر ??وقعا فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قد?? کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻائي سگهجي.