اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل ??ومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل ??ومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل ??ومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ايڪس پيغام ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته اڄ گڏيل ??ومن جي 79هين سالگرهه جو ڏينهن اسان کي گڏيل ??ومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن، جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ گلوبل سائوٿ جي گهري ٿيندڙ اقتصادي مشڪلاتون عالمي نظام جي وڏي چئلينجن جي نشاندهي ڪن ٿيون، گڏيل ??ومن جي چارٽر جو منصفاڻي طريقي سان لاڳو به هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل ??ومن جي خودمختيار?? جي حق جي قراردادن جي باوجود ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار اڃا به حل طلب آهن. جيستائين گڏيل ??ومن جي بنيادي دستاويز جي شقن کي نظرانداز ڪيو ويندو، بحران وڌيڪ گهرا ٿيندا ويندا. هن چيو ته هو گڏيل ??ومن جي هن ڏينهن تي گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان هن دنيا کي سڀن?? جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ??ومن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين جتي سمورن ماڻهن جي حقن خاص طور تي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي انهن ج?? حق ڏياري سگهجن.