رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي ??زيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ??عليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي ??وجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي ??نعقد ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، و??پا?? وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري تي ??زيراعظم سان گڏ آهن.