اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي روشن م??تقبل لاءِ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪ- چائينا انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ??ين جي يومِ تاسيس جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي پاڪ- ??ين دوستي ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي ترقي سي پيڪ سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڪ- ??ين اسٽريٽجڪ شراڪتداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چيني سيڙپڪاري پاڪستان ۾ پبلڪ پرائيويٽ شراڪتداريءَ جي نظام کي تقويت ڏني آهي ۽ ??ين جو اقتصادي ماڊل اڄ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ مثالي آهي. هن چيو ته ??ين اولهه نيولبرلزم جي ماڊل جي ابتڙ هڪ ڪامياب اقتصادي نظام قائم ڪيو آهي جنهن سان وزيراعظم به متاثر آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ فيز 2 سميت سمورا منصوبا ??ين جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيا ويندا ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان ۽ ??ين جو هڪٻئي کي سپورٽ ڪرڻ جو مثال تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته ??ين ڏکڻ ايشيا ۾ هميشه پاڪستان کي خاص اهميت ڏني آهي ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جو ڪردار قدر جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر کي ??ين جي پورٽ اينڊ شپنگ انڊسٽري جي طرز تي بهتر ب??اي?? پيو وڃي. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ- ??ين دوستيءَ کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جون سازشون ناڪام ٿي چڪيون آهن.