راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران ج??وتي جو دؤرو ڪيو، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطاب?? ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذوالفقار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏ??ل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏ??ل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏ??ل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ۽ جبوتي ??ي سامونڊي فو?? وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جبوتي ۾ قيام دوران مختلف ملڪن ??ي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ سول ۽ فو??ي قيادت سان مقامي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.