اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي ??لامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪ??متي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشد?? جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشد?? جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي ??لامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي ??شد?? جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آهي اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجو?? جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي ??ورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي ??ئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.