اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يو??ف رضا گيلاني چ??و آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ??يڻ لاءِ ??ثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يو??ف رضا گيلاني چ??و ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ??يو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.