اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر پاڪستان ۾ ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن جي شعبي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم ??ار??ن جوڙيل ڪم??ٽي جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب اجلاس ۾ شعبي جي آئوٽ لڪ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪم??ٽي هڪ اصولي معاهدي تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي انتظار کانپوءِ فريم ورڪ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي (ايڪنيڪ) کي جمع ڪرايو ويندو ته جيئن غيرمتختص گئس جي ڪاٿي جو 35 سيڪڙو ٽئين ڌر جي خريدارن کي وڪرو ڪري سگهجي. بيان موجب ڪم??ٽي ڊسمبر 2024ع تائين دستياب آن شور ايڪسپلوريشن بلاڪس جي لاءِ بِڊنگ رائونڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ٻوليءَ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 مارچ 2025ع مقرر ڪئي وئي آهي، آف شور ايڪسپلوريشن بلاڪس جي لاءِ ٻوليءَ جو هڪ جدا عمل شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ امڪاني ٻوليءَ ڏيندڙن کي پيش ڪيل بلاڪس جو جائزو وٺڻ ۽ 30 جون 2025ع تائين ٻوليءَ جي لاءِ ڇهن مهينن جي مدي جي اجازت هوندي. ڪم??ٽي کي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪن??يشنز (ڊي جي پي سي) جي ڊيجيٽلائيزيشن جي جاري ڪوششن بابت پن اپ ڊيٽ ڪيو ويو جنهن سان آپريشنز کي هموار ڪيو ويندو ۽ ان شعبي ۾ ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو. ڪم??ٽي کي هڪ ٺوس انرجي ماڊلنگ اسٽڊي جي شروعات بابت آگاهه ڪيو ويو جيڪو عالمي سطح تي مڃيل ڪن??لٽنٽس جي ذريعي ڪرايو پيو وڃي، اهو پاڪستان جي انرجي مڪس ۾ تيل، گئس ۽ ايل پي جي جي ڪردار تي ڌيان ڏيندو، طلب ۽ پهچ بابت بصيرت فراهم ڪن??و ۽ گئس مارڪيٽ جو هڪ جامع ماڊل تيار ڪن??و. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان مطالعي جا نتيجا جنهن سان ترجيحي شعبن جي لاءِ گئس جي فراهمي جي انتظام بابت پاليسي فيصلن کان آگاهه ڪرڻ جي توقع آهي جنوري 2025ع ۾ ٿيندڙ هڪ مسودو رپورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪم??ٽي ماهوار ٽه ماهي بنيادن تي گئس جي وڪري جي قيمتن تي نظرثاني جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪم??ٽي تفصيلي غور فڪر کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن کي هدايت ڪئي ته تجويز جو وڌيڪ تجزيو ڪري ان کي ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ڪم??ٽي ايڪسپلوريشن ۽ پروڊڪشن ڪم??نين کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي پڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي جي لاءِ اي اينڊ پي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جي فراهمي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ڪم??ٽي جي ڪجهه ميمبرن جي عدم موجدوگي جي ڪري ڪم??ٽي جي ٽرمز آف ريفرنس ۾ بيان ڪيل باقي آئٽمز تي غور ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.