اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برط??ني?? جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھميش فالڪ?? ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ??طابق اسپيڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش فالڪز جي آجيان ڪئي. اسپيڪر برط??ني?? جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھميش فالڪز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان ??اڪستان ھميشه دولت مشترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ڪئي آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ??اوشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه سان ??نھ??جي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان ??وقعي تي ھميش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھميش فالڪز شاندار آجيان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.