اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي ڪرم ضلعي ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪن??ي فائرنگ ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معصوم مسافرن تي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ انسانيت سوز عمل آهي. هن چيو ته معصوم شهرين تي حملي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. صدر واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي پونئيرن سا?? تعزيت جو اظهار ڪن??ي زخمي ماڻهن کي وقت سر طبي امداد جي فراهمي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي. صدر مارجي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ ج??يل جي پڻ دعا ڪئي.