ڪراچي – 21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ڪراچيءَ ۾ ترڪي جي قو??صل جنرل جمال سانگو سان گڏ سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تحقيق، اعليٰ تعليم، ت??وف ۽ سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽي ۽ ترڪي جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون جي ممڪن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ت??ڪ سفير سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽيءَ جي تعليمي شعبن خاص ڪري بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو چيو ته هو سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽي پاران ان جي سٽي ڪيمپس ۾ قائم ٿيندڙ جلال الدين رومي چيئر جي مدد ڪندو ۽ ان جو قو??يه جي سيلڪوڪ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرائيندو. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو سنڌ مدرسته ??لا??لام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جي جديد تعليم جي فروغ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ترڪي سان دوستاڻن لاڳاپن کي پڻ ساراهيو. سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڊاڪٽر عرفان نذير اوگلو ۽ جمال سانگو کي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادرعلمي- سنڌ مدرسته ??لا??لام يونيورسٽي ۾ اچڻ ۽ تحقيق ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ واري آڇ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته سنڌ مدرسته ??لا??لام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جا سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ترڪي سان ويجها لاڳاپا هئا ۽ کيس 19هين صدي جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ترڪيءَ جو قو??صل جنرل مقرر ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته، حسن علي آفندي روس ۽ ترڪيءَ جي جنگ دوران سلطنت عثمانيه کي ضروري سامان فراهم ڪري انهن جي مدد پڻ ڪئي هئي. وائس چانسلر وڌيڪ چيو ته ويجهي مستقبل ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي نئين ٺهندڙ عمارت ۾ مولانا رومي چيئر ۽ حسن علي آفندي ميوزيم قائم ڪرڻ لاءِ هڪ فلور مختص ڪيو ويندو. ترڪ سفير چيو ته ترڪ حڪومت ان ذڪر ڪيل منصوبي ۾ پڻ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ سان تعاون ڪندي، جڏهن ته ترڪ سفير ۽ قو??صل جنرل سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان گڏجي جناح ميوزيم کي گهُمي ڏٺو. جڏهن ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمان کي يونيورسٽيءَ جي شيلڊ پيش ڪئي.