اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمنڊ پار پاڪ??تا??ين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي ۽ دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، دهشتگردي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ??يڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ??يڻ، سمنڊ پار پاڪ??تا??ين جي مسئلن جو حل ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جن جي آئين ض??ان?? ڏني آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ تعليم واري وزارت جي ماتحت 18 هزار کان وڌيڪ مدرسن جي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز چيو ته آسٽريليا مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم ڏيڻ لاءِ پاڪ??تا?? جي مدد لاءِ تيار آهي، نفرت ۽ عدم برداشت ٻه بنيادي عمل آهن جيڪي تشدد ۽ انتهاپسندي کي هٿي ??يندا آهن. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ معاشري ۾ محبت، برابري، رو??داري ۽ برداشت جهڙن جذبن کي هٿي ??يڻ سان ئي ممڪن آهي. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر يونان ٻيڙي حادثي ۾ پاڪ??تا??ين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هنرمند پاڪ??تا??ين کي آسٽريليا ۾ رو??گار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته غير قانوني انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪ??تا?? حڪومت وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، پاڪ??تا?? رو??گار لاءِ پرڏيهي ملڪ ويندڙ ماڻهن کي جديد هنر سيکارڻ لاءِ پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. ملاقات ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ??يڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.