ڪوئيٽا-08 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پ??ڪستان، تڪ پي بي 45 ڪوئيٽا تان حاجي مير علي مدد جتڪ جي ڪاميابي جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن آف پ??ڪستان طرفان تڪ پي بي 45 ڪوئيٽا جي 15 پولنگ اسٽيشنن ت?? ٻيهر چونڊ کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حاجي مير علي مدد جتڪ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جمعيت اسلام جي مير عثمان پرڪاني طرفان حاجي علي مدد جتڪ جي ڪاميابي کي چئلينج ڪرڻ کانپوءِ تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنز ت?? ٻيهر چونڊ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ 5 ج??وري تي چونڊ ۾ حاجي مير علي مدد جتڪ ڪامياب قرار ٿيو هو.