اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ايوان صدر اچڻ تي استقبال ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر آصف علي زرداري چي?? ته پنهنجي ڀاءُ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جو استقبال ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چي?? ته اسان ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اط??ينان جو اظهار ڪيو ۽ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن.