اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثم??ن ڊار چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي بهتري ?? ايندڙ نسلن جي سلامتي لاءِ وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس سان گڏجي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم شروع ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي مخالف ڌر پارٽي جي سربراهن ۽ ميمبرن کي درخوا??ت آهي ته ملڪي مفاد جي لاءِ سياسي اختلاف هڪ طرف رکي هن قومي مهم ۾ حصو وٺن.